مخدوم جميل الزمان

مخدوم جميل الزمان

جميل الزمان جميل مخدوم

جميل الزمان ’جميل‘، مخدوم: مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ مخدوم امين فهيم جي گهر ۾ 27 جولاءِ 1961ع تي هالا ۾ جنم ورتو. سندس تربيت علمي ۽ ادبي ۽ روحاني ماحول ۾ ٿي، ان ڪري سندس 1981ع کان علم، ادب ڏانهن ذهني لاڙو ٿيو. شاعريءَ ۾ پنهنجي ڏاڏي ۽ سنڌ جي عظيم شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان رهنمائي ورتي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس شاعريءَ ۾ پختگيءَ سان گڏ خيال جي گهرائي ۽ نواڻ موجود آهي. نثر جي ميدان ۾ سندس لاڙو تحقيق ۽ تاريخ طرف آهي، کيس ٻنهي مضمونن جو وسيع مطالعو، مشاهدو ۽ تحقيقي ڄاڻ آهي. شاعري، تحقيق، تـاريـخ، سـوانـح ۽ ٻيـن مـوضـوعـن تـي سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) اتر لڳا آءُ پرين (شاعري)، (2) دلربا دلربا (شاعري)، (3) سنڌ جي واقعاتي تاريخ، (4) تــذڪـره مخـدومــان هـالا، (5) خير شيرازي (لغت)، (6) ملاقات (شاعري)، (7). محبت پائي من ۾، (8) سيد فتح محمد شاهه اجناڻي (سوانح ۽ ڪلام)، (9) انهن سندي ڳالهڙي (ترتيب)، (10) منهنجو ننڍپڻ (مخدوم طالب الموليٰ جي آتم ڪٿا واڌارن ۽ سڌارن سان ترتيب)، (11) صبوحي (ترتيب)، (12) سڄ وڙاءُ (ترتيب)، (13) قافيا ڪوش (لغت: 2010ع)، (14) The Days & Dates (2010).
مخدوم جميل الزمان پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي روايت موجب سياست ۾ پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل آهي. 1997ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 2005ع ۾ پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جو صدر چونڊيو ۽ هن اهي ذميواريون احسن نموني نڀايون. 2008ع جي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر چونڊيو ۽ هن وقت بين الصوبائي رابطن جو وزير آهي، کيس جنوري 2011ع کان انٽيڪيوٽِيز کاتي جو قلمدان به ڏنو ويو آهي. هن سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ لاءِ اسيمبلي ۽ ان کان ٻاهر آواز اٿاريو.
مخدوم جميل الزمان هن وقت سنڌي ادبي ادبي بورڊ جو چيئرمئن؛ بزم طالب الموليٰ سنڌ جو وائيس چيئرمين؛ ڏات پبليڪيشن جو باني ۽ طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا جو چيئرمئن آهي. هالا جي ادبي روايتن جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۾ مخدوم جميل الزمان جون خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.07.27  عيسوي

مخدوم جميل الزمان ’ جميل ‘ مخدوم امين فهيم جي گهر ۾ 27 جولاءِ 1961ع تي هالا ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بطليموس
ايشوريا راءِ
سوامي تلوڪداس
انيس الدين ڀٽي
ايس ايم قريشي
قاضي دوست محمد اول
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
فائزه ايوب
محمد ابراهيم پنهور
ڄام محمد عرف انڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون